اسلام آبادپاڪستان

اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ واري ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت منظور

مري:مري جي عدالت ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. مري جي عدالت ۾ شيخ رشيد خلاف مري ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي جڊيشل مئجسٽريٽ مري محمد ذيشان شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ شيخ رشيد طرفان سندس وڪيل ايڊووڪيٽ سردار عبدالرزاق خان عدالت ۾ پيش ٿيو. شيخ رشيد جي ضمانت جي درخواست تي دليلن کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ مري محمد ذيشان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پنجاهه هزار رُپين جي مچلڪن عيوض شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته شيخ رشيد خلاف گرفتاري دوران پوليس سان مزاحمت ۽ اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ جي الزام هيٺ ڊيوٽي اٽڪاءُ جي قلم تحت ڪيس داخل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button