پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ مطالبن جي مڃتا لا استادن جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ تعليم کاتي ۾ تازو ڀرتي ٿيل استادن 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف تنيراج ڀيل، سمش الدين هنگورجو، وجئه ڪمار، اميت ڪمار ۽ منٺار بجير جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته اسان 9 مهينن کان پنهنجي ڊيوٽي ڪريون پيا، پر اڃا تائين پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب پريشان آهيون. اسان کي سنڌ سرڪار اسان کي 14 هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو، پر ناڻي کاتي وٽ 9 گريڊ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته مهانگائي سبب سخت پريشان آهيون. هنن گهر ڪئي ته جلد پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button