پاڪستانسنڌ

سنجهوري ۾ حر جماعت جي خليفي خلاف عورتن جو احتجاج

سنجهورو: سنجهوري ويجهو ديھه 36 جي رهواسي ۽ پيرپاڳاري جي مريد رضا محمد ڀٽي، ماروي ڀٽي ۽ گل پري ڀٽي پنهنجي ڪٽنب سميت حر جماعت جي خليفي دودي انڙ، نائب خليفي در محمد ماري ۽ بااثر رحيم بخش ڀٽي خلاف احتجاج ڪيو. هنن الزام هڻندي چيو ته حر جماعت جي مک چوڪي شھدادپور جو خليفو دودو انڙ اسانجي برادري جي بااثر رحيم بخش ڀٽي جي ونگار وهندي اسان خلاف لڳاتار ناانصافي تي ٻڌل فيصلا ڏئي رهيو آھي. خليفو دودو انڙ اسان جي خريد ڪيل زمين 4 ايڪڙ ڏاڍ ۽ زبردستي جي بنياد تي بااثر رحيم بخش ڀٽي کي ڏيارڻ چاهي ٿو، ناانصافي تي ٻڌل فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ اسان جو هٿ بند ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. بااثر رحيم بخش ڀٽي خليفي دودي انڙ ۽ نائب خليفي در محمد ماري جي پٺ تي اسان جي زمين ڦٻائڻ لا ڪڏهن اسان جي گهر تي حملو ڪري ٿو ته ڪڏهن نلڪي ۾ زهر ملائي ٿو، جنهن خلاف اسان ڪورٽن ۽ درگاھه جي فيصلا ڪميٽي جي چيئرمين سميت،، جماعت جي مک خليفي قادر بخش مڱريو ۽ مقامي ايم پي اي ۽ خليفي وريام فقير تائين به دانهيو آھي، پر ڪير انصاف نٿو ڏياري. رضا محمد ڀٽي گهر جي عورتن ماروي ڀٽي ۽ گل پري ڀٽي سان گڏ حر جماعت جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري کان گهر ڪئي ته خليفي دودي انڙ جي ناانصافين تي ٻڌل فيصلن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جو بند ٿيل هٿ کوليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button