پاڪستانسنڌ

سرفراز واهه جي صفائي ڪرائي مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي:ڊگهڙي واسي سماجي ورڪر

ڊگھڙي: ڊگهڙي مان گذرندڙ ايل بي او ڊي انتظاميا جي نااهلي سبب ڍوري سرفراز واھه جي صفائي نه ٿي سگھي، جنهن سبب شهر جي وارڊ نمبر 1 ۽ 2 جي رهواسي ٻوڏ سبب ٻيهر متاثر ٿي سگهن ٿا، ان باوجود آبپاشي کاتي جي عملدار ۽ ايل بي او ڊي انتظاميا سرفراز واهه جي صفائي ناهي ڪرائي. اھڙن خيالن جو اظھار سماجي ورڪر ايوان صحافت ڊگھڙي جي صدر مير نديم احمد ٽالپر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته شھر ۽ يوسي پٻڻ جي برساتي پاڻي جي نيڪال جو واحد رستو ڍورو سرفراز واھه سم نالو آھي، جيڪو مير پاڙي محمد شاهه جيلاني درگاه اڳيان گذري پراڻ ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن جي صفائي ناهي ٿي، ان ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، شڪايتن باوجود ميونسپل ۽ صحت کاتي جي عملدارن مڇرمار اسپري ناهي ڪرايو. هن گهر ڪئي ته جلد سم نالي سرفراز واھه جي صفائي ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button