پاڪستانسنڌ

طبقاتي غلامي مان نجات کانسواءِ عورتن جي آزادي ممڪن ناهي:شاهپورچاڪر ۾ ڪانفرنس

شاهپور چاڪر: سنڌياڻي تحريڪ طرفان شاهپور چاڪر ۾ “عورتن تي ظلم بند ڪريو” جي عنوان سان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هن جديد دور ۾ سنڌ کي قبائلي نظام حوالي ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ عورتن تي ظلم ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي. مردار جاگيرداري نظام کي قبر مان ڪڍي عورتن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي نوجوان ليکڪ قاسم سوڍر جي لکيل ڪتاب “فينزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد” جو مهورت ڪيو ويو. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ قبضاگيرن جي سرپرستي لاءِ پوليس جهڙي اداري کي جاگيردارن ۽ قبضاگيرن جو ذاتي نوڪر بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار عوام دشمن آهي. پوليس اڃا تائين سنڌ تي انگريز سامراج جي حڪومت سمجهي رهي آهي، جنهن ڪري پوليس آفيسرن جو سنڌي عوام سان رويو نازي قيدين جهڙو آهي. پوليس کان ڪو به پڇاڻو نٿو ٿئي ته توهان وٽ جيڪي ماڻهو دانهي ٿي آيا آهن، انهن جي دانهن تي ڪو داد فرياد ڪيو اٿو يا نه؟. ڪنهن به واقعي جي ايف آءِ آر جهڙي بنيادي انساني حق لاءِ به پوليس ماڻهن کان لکين رپيا رشوت اوڳاڙي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي پوليس، روينيو ۽ ٻين ادارن کي جاگيردارن جي جاگير مان ڪڍي عوامي ادارا نه بڻايو ويندو، اوستائين سنڌ جون عورتون ۽ مرد ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندا رهندا. اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي واري جنگ وڙهي رهيا آهيون. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته سنڌياڻي تحريڪ هميشه کان وٺي عورتن جي طبقاتي استحصال خلاف آواز بلند ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته قومي ۽ طبقاتي غلامي مان نجات کانسواءِ عورتن جي آزادي به ممڪن ناهي. سنڌ ۾ عورتن تي تشدد جو واقعا روز جو معمول بڻايا ويا آهن. سنڌ ايپڪس ڪميٽي کي جواب ڏيڻو پوندو، شهيد ناظم جوکيو جي قتل جو، ميمونا سومرو جي قتل جو، فهميده سيال جي قتل جو ۽ ٻين سوين عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هٿ جي هنر کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. هٿ جي هنر جي صنعت سان وڏي تعداد ۾ عورتون سلهاڙيل آهن پر سنڌ حڪومت هٿ جي هنر کي جديد دور جي تقاضائن سان ملائڻ ۽ هنر مند عورتن توڙي مردن کي مناسب اجورو ڏيارڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا. ڪانفرنس کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمرا سمون، شمشاد لغاري، مريم انڙ، مهتاب ڏاهري، زاهده ڏاهري، پريمي ڀيل، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن گل حسن ڪيڙانو، عبدالستار رند، اظهار دائودپوٽو، راڻو ڪنڊاڻي، استاد دائود ڏاهري، عطالله انڙ، عالم لغاري، مير خادم عمراڻي، قائم انڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪندي مختلف مطالبا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button