اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو طرفان جرمني، هنگري ۽ لٿوانيا جي دوري جو اعلان

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 22 فيبروري تائين جرمني، هنگري ۽ لٿوانيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق پرڏيهي وزير 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس 2023 ۾ شرڪت لاءِ جرمني جو دورو ڪندو. ان دوران پرڏيهي وزير سڄي دنيا جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. حنا رباني کر به ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروري تي ولنئس جو دورو ڪندو. دوري دوران پاڪستان حڪومت ۽ لٿوانيا حڪومت وچ ۾ سياسي صلاح مشورا ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري لٿوانيا جي هم منسب ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان به ملاقات ڪندو. ٻاهرين دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير 21 کان 22 فيبروري تائين هنگري جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير هنگري جي هم منسب سان ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پاسن تي ڳالهائيندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت ٻه مفاهمتي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button