پاڪستانسنڌ

مني بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ خلاف ڦلجي ۾ ريلي

ڦلجي اسٽيشن: ملڪ ۾ تيل اگهه وڌڻ ۽ مهانگائي جو جن حڪمرانن کان قابو نه ٿيڻ خلاف ڦلجي اسٽيشن ۾ شهري اتحاد ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهرين حيدر چوڪ تي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران هنن حڪومت طرفان آندل مني بجيٽ ۽ تيل جا اگھه وڌائڻ خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد رمضان پنهور، شاهنواز سومرو، نديم حسن راجپوت، لالا ظهير سومرو، رانا نصرالله، زاهد شاھه، محمد نواز چانڊيو، علي رضا سولنگي، زوھيب علي ھنڱورو، محمد افضل مغل ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب گهر، ڪاروبار ۽ فصل تباهه ٿي ويا، ماڻهو اڳ ئي پريشاني ۾ زندگي گذارين پيا، مٿان وري نااهل حڪمرانن آئي ايم ايف جا شرط مڃي تيل جا اگهھ وڌائڻ سان گڏ مني بجيٽ ۾ عام واهپي جي شين تي ڳاٽي ٽوڙ ٽئڪس هڻي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آھي، جيڪو ظلم آهي، ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن جي سزا عوام کي ملي رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته مني بجيٽ کي رد ڪري تيل، بجلي ۽ گئس جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button