پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ مهانگائي جي طوفان خلاف احتجاج

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهھ ۾طبقاتي جدوجھد پاران ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ڪارڪنن ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کڻي بلوچ پمپ کان ريلي ڪڍي سٽي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سھيل چانڊيو، اعجاز ٻگھيو، وزير گاڏھي، اعجاز ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مھانگائي غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ پورهيت جي ٻارن کان ھڪ وقت جو کاڌو به کسي ورتو آهي جنهن ڪري ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان لڳايل ٽئڪس سبب وڌنڌڙ مھانگائي جي ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو. ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تيل اگهه گهٽائي ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button