پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ مهانگائي جي قهر، بجلي، گئس ۽ تيل جا اگهه وڌائڻ خلاف ريلي

ميھڙ: ميهڙ ۾ تيل، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ توڙي مهانگائي جي قهر خلاف مختلف پارٽين جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي. تحريڪ انصاف، رڪشا يونين، شھري اتحاد، جماعت اسلامي ۽ اھلسنت والجماعت سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين محمد الياس ڪلھوڙو، مولوي منظور چانڊيو، شڪيل عطار، ايوب کوسو، عبدالفتاح شاھه، عمران تيوڻو، احمد عطار، مظهر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪري نعريبازي ڪئي، مظاهرين گھنٽا گھر چوڪ تي پهچي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ حڪمرانن جي نااھلي ۽ ڪرپشن سبب مھانگائي وڌي وئي آھي. تيل جي اگھن ۾ واڌ سبب عام ماڻھو جو جيئڻ جنجال آھي، غريب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لا پريشان آھي، حڪمرانن جي عياشين جي سزا عام ماڻھو کي ملي رھي آھي. ھنن گھر ڪئي ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ مھانگائي کي ٻنجو ڏئي تيل جي اگھن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ٻي صورت ۾ روڊ بلاڪ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button