پاڪستانسنڌ

ڍورونارو لڳ زيارت تي ويل 6 ماڻهو ڍنڍ ۾ ٻڏي ويا، 3 لاش هٿ

غلام نبي شاهھ : ڍورونارو ويجھو نوري ولي جي درگاھه تي زيارت لا ويل زيارتين جي ٻيڙي ڪلانڪر ڍنڍ ۾ ٻڏي وئي، جنهن سبب 6 ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 3 ڄڻن جا لاش ٽوٻن ھٿ ڪري ٻاهر ڪڍيا. معلوم ٿيو آهي ته ٻيڙي ۾ سوار ڳوٺ کڻھار واسي عورت زليخان زال حنيف سميجو، 13 سالن جو نينگر پرويز پٽ بلال سميجو، ننڍڙي سميرا ڌي بلال سميجو، ننڍڙي موميڙا ڌي حنيف سميجو، نينگر اڪرم پٽ سومار نھڙي شامل آھن، فوتين ۾ ٽن ڄڻن جا لاش ھٿ اچي ويا آهن، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي ڍوري ناري اسپتال پهتي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڍورونارو مومن گجو ٻڌايو ته ٻڏي ويل ماڻهن مان ٽن ڄڻن جا 3 لاش ھٿ اچي ويا آھن، باقي لاشن جي ڳولا جاري آھي، وارثن واقعي کي اتفاقي ڄاڻايو آھي ۽ لاش اسپتال مان گھر کڻائي ويا آھن، واقعو ڪيئن پيش آيو، ان بابت جاچ ڪئي ويندي ته جيئن اصل حقيقت سامھون اچي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button