اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ۾ دير جا بهانا نه ڳوليا وڃن: صدر عارف علوي

صدر عارف علوي چيو آهي ته چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ بهانا ڳوليا پيا وڃن، جنهن ڪري مون کي اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻو پيو، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران معاملو هڪٻئي تي اڇلايو پيو وڃي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته آئين ۾ خاميون ڳولڻ بدران ان جي پاسداري ڪئي وڃي، اليڪشن ۾ دير جا بهانا نه ڳوليا وڃن. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ ۾ دير جا بهانا ڳولڻ لاءِ آئين سان هٿ چراند ڪئي پئي وئي، جنهن ڪري مون کي خط لکڻو پيو، ائين ٿو لڳي ڄڻ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ تي هنن تي ڏنڊ مقرر ڪيو ويندو. صدر چيو ته ملڪ هن وقت اتحادي حڪومت نه پر ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ آهي، ائين محسوس پيو ٿئي ته هن سيٽ اپ کي ڪو سهارو ملي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته جنرل رٽارڊ باجوا کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ واري معاملي بابت عمران خان ئي ٻڌائي سگهي ٿو، عمران خان جي خط تي آرمي چيف سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، عمران خان آصف زرداري مٿان الزامن بابت مون سان ذڪر نه ڪيو هو. صدر وڌيڪ چيو ته عمران خان جي گرفتاري سان ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، چونڊن ۾ دير جي معاملي تي گورنرن خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿو وٺي سگهان. واضح رهي ته صدر عارف علوي چونڊن بابت مشاورت لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻيو خط لکيو هو، جڏهن ته پهرين خط جو جواب نه ڏيڻ تي اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button