پاڪستان

داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ وٽان سنڌو درياهه جو قدرتي رخ موڙيو ويو،عارضي ڊيم جي اڏاوت

تعمير هيٺ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو، پراجيڪٽ سائيٽ تي سنڌو درياهه جو رخ موڙيو ويو. واپڊا جي ترجمان مطابق پراجيڪٽ سائيٽ تي سنڌو درياهه قدرتي لنگهه بدران ڊائيورزن ٽنل کان گذري رهيو آهي، درياهه جو رخ موڙڻ جي موقعي تي جنرل مئينجر، ڪانٽريڪٽر، ڪنسلٽنٽس نمائندا، انجنيئرز ۽ ورڪرز موجود هئا. هن چيو ته سنڌو درياهه جو رخ موڙڻ تي واٽر چيئرمين سجاد غني پراجيڪٽ انتظاميا کي مبارڪ ڏني، درياهه جو رخ موڙڻ بعد عارضي ڊيم تي اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو. عارضي ڊيم مڪمل ٿيڻ تي داسو پراجيڪٽ جي مين ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي ويندي، پراجيڪٽ جي تعمير هيٺ ٻي ڊائيورزن سرنگهه به اپريل 2023ع جي وچ تائين مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته وهڪرن ۾ چاڙهه واري سيزن دوران سنڌو درياهه جو پاڻي ٻنهي ڊائيورزن ٽنلز تان لنگهندو، 4320 ميگاواٽ جو داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته رٿا جي پهرين مرحلي سان بجلي جي پيداوار 2026 ۾ شيڊول آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button