اسلام آبادپاڪستان

چونڊن بابت صدر کي مشاورت ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار، اليڪشن ڪميشن دعوت رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخ واري معاملي تي صدر عارف علوي کي مشاورت ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪندي اڄ ٿيندڙ مشاورتي عمل جي دعوت رد ڪري ڇڏي آهي. پنجاب ۽ پختونخوا ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد صدر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن وارو معاملو مختلف عدالتي فورمن تي شنوائي هيٺ آهي، اليڪشن ڪميشن في الحال صدارتي آفيس سان مشاورتي عمل ۾ شامل نٿو ٿي سگهي، اسان نه چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهون ٿا نه ئي مشاورت ڪري سگهون ٿا، اداري طرفان ان حوالي سان سومر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته صدر جي آفيس سڀ کان اعليٰ آئيني ادارو آهي، صدر رياست جو سربراهه آهي، اليڪشن ڪميشن صدر جو احترام ڪري ٿي. خط جي متن موجب سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري کان آگاهه آهي، پنجاب ۽ پختونخوا جي گورنرن اڃا تائين عام چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني، پنجاب جي گورنر چيو ته هو ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت قانوني رستو اختيار ڪندا. خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ کان رهنمائي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ٽي درخواستون داخل آهن، جڏهن ته آئين اسيمبلي ٽٽڻ تي اليڪشن ڪميشن کي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button