عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته امير طبقي کان سبسڊيز واپس وٺي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ۽ غريبن کي تحفظ ڏنو وڃي، ملڪ هلائڻ لا قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ نه پر سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. آ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان پاڪستان کان اهڙن اپائن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون جن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان هڪ ملڪ جيان هلي سگهي ۽ اهڙي خطرناڪ هنڌ تي نه پهچي جتان ان کي نئين سر اڏاوت جي ضرورت پئجي وڃي. هن چيو ته اسان ٻن شين تي زور ڏئي رهيا آهيون، جن مان پهرين ڳالهه ٽيڪس روينيو آهي، ڀلي سرڪاري ادارو هجي يا ڪو خانگي شعبو، وڌيڪ ڪمائيندڙن کي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، ٻي ڳالهه اها ته رڳو انهن ماڻهن کي سبسڊي ڏيو جن کي سچ پچ ضرورت آهي ۽ جيڪي صحيح حقدار آهن. ايم ڊي وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو موقف صاف ظاهر آهي ته سبسڊي مان صرف غريبن کي فائدو کڻڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي غريب عوام کي تحفظ ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي ڏک پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ سبب ملڪ جي وڏي آبادي متاثر ٿي آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان هڪ ملڪ جيان اپا وٺي. هن سوال اٿاريو ته پاڪستان کي شديد معاشي چئلينج آهن پو به ملڪ ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو ٽيڪس ڇو نٿا ادا ڪن؟ جيڪي ماڻهن وڌيڪ ٽيڪس ڏئي سگهن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته انهن کان ڇڪي ٽيڪس وصول ڪري، پئسو انهن ماڻهن تي خرچ ڪيو وڃي جن کي مدد جي ضرورت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close