پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

مقصودو رند: ڄام صاحبشاھپور چاڪر روڊ ملنگ موري موڙ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ھڪ نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب ڄام صاحبشاهپور چاڪر روڊ تي گذريل رات دير سان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن بعد ٻئي موٽرسائيڪلون سم نالي ۾ ڪري پيون، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان خليل احمد منگي فوت ٿي پيو، حادثي ۾ ٻه ڄڻا اسرار احمد منگي ۽ شاھجھان منگي زخمي ٿي پيا، زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. فوتي نوجوان ۽ زخمي مقصودو رند لڳ ڳوٺ مولوي عطا حسين منگي جا رھواسي ھئا، جيڪي ھوت فقير جو ميلو گھمڻ لا ويل ھئا ۽ ميلي تان موٽندي حادثو پيش آيو. ٻئي طرف نوجوان خليل احمد منگي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button