پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ ٻولي مذاڪرو ۽ مشاعرو، شاعرن پاران تخليقون پيش

شاهپور چاڪر: 21 فيبروري تي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ شاهپور چاڪر پاران “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي عنوان هيٺ مذاڪرو ۽ مشاعرو تاريخي ماڳ “قٻا شھداد” تي ڪرايو ويو. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي آڊيٽر رضا ڏاهري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي اسان جو اثاثو ۽ سڃاڻپ آهي، پر اڃان تائين هن قديمي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ جو ماڻھو پنهنجي ٻولي سان محبت ڪري ٿو، اهڙي شاهوڪار ٻوليءَ لاءِ ضروري آهي ته ان جي اهميت کي مڃيندي هتي ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي شاگرد اڳواڻ جانب وساڻ چيو ته هن ملڪ ۾ مادري ٻولين کي اهميت نه ڏيڻ ڪري 1971ع ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿيو، اسان جي ٻولي قديمي ۽ تاريخي ٻولي آهي جنهن جي بقا لا ضروري آهي ته ان کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. مذاڪري ۾ يوٿ فورم جي صدر بابر ڏاهري، احمد رضا، امير وساڻ، رياض ڏاهري، حاڪم ناياب ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. ٻولي مشاعري ۾ شاعرن مٺل ڪنڀار، عبدالمالڪ عبد، نواز بالادي، رياض ڏاهري، سليم ڪيريو، نور عمراڻي، سليم ڪليار ۽ راهي شر قومي شاعري جون تخليقون پيش ڪيون. نوجوان امجد ڏاهري قومي گيت ٻڌائي خوب داد ماڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button