پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار جي ڊاڪٽرياڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرا

ٽنڊوالهيار/مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار ۾ ڊاڪٽرياڻي حليمه سنجراڻي تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ٽنڊوالهيار ۽ مسڻ وڏي ۾ ڊاڪٽرن مظاهرا ڪيا. ٽنڊوالهيار سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي ٽئين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي گيٽ سامهون ڊاڪٽر صابر قائخاني، غلام رسول خاصخيلي، فيض لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر حليمان سنجراڻي تي غير قانون طور ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. مسڻ وڏي ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر ڀڳوان داس، ڊاڪٽر فاروق ڀٽي، ڊاڪٽر الطاف لغاري، فياض لغاري، لطيف ڪنڀار، جليل لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button