پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ 4 چور گرفتار، 5 ٻڪريون ۽ سوزوڪي هٿ

چيلھار:چيلهار ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي چوپايو مال جي چوري ڪندڙ گروهه جي 4 چورن کي گرفتار ڪري 5 ٻڪريون ۽ هڪ سوزوڪي گاڏي هٿ ڪري ورتي. پوليس ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي چيلهار ڪنري روڊ تي جنجهير اسٽاپ وٽ ناڪابندي ڪندي 5 ٻڪريون ۽ سوزوڪي گاڏي هٿ ڪري ڪنري جي ڳوٺ ڇٽو خان چانڊيو جي رهواسي 4 چورن مير حسن پٽ ڪريم بخش چانڊيو، غلام رسول پٽ ڪريم بخش چانڊيو، معشوق علي پٽ صلاح محمد چانڊيو ۽ جهڏي جي رهواسي سوزوڪي ڊرائيور شاهه محمد پٽ بالاچ کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل چور وڏي وقت کان چيلهار سميت ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان چوپايو مال چوري ڪندا هئا، اڄ اطلاع تي ناڪابندي ڪري چورن کي چوري ٿيل ٻڪرين سميت گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button