پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ اڌر ڪيڊر 71 استاد ڊگريون جعلي هجڻ تي برطرف

ڪراچي: تعليم کاتي سنڌ حيدرآباد ضلعي ۾ سال 2012ع ۾ ڀرتي ڪيل اڌر ڪيڊر استادن جي اسڪروٽني بعد 71 اڌر استادن جون ڊگريون بوگس قرار ڏئي کين برطرف ڪري ڇڏيو آهن. سنڌ کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2012ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ ڀرتي ڪيل 642 اڌر ڪيڊر استادن بابت هائيڪورٽ ڪراچي جي حڪم تحت اسڪروٽني ڪئي وئي، جنهن دوران 562 استادن ذاتي طور اسڪروٽني ڪميٽي اڳيان پيش ٿي پنهنجو سمورو رڪارڊ پيش ڪيو، جنهن بعد سندن ڊگرين کي ويريفيڪشن لا لاڳاپيل بورڊز ۽ يونيورسٽين ڏانهن اماڻيو ويو، جتان ويريفيڪشن ملڻ بعد 71 اڌر استادن جون ڊگريون جعلي ثابت ٿيون آهن، جن ۾ ڊرائينگ ٽيچر عبدالشاهد، عابده پروين، عديل فراز، لينگويج ٽيچر آصفه بلوچ، فرحان احمد، حامد نواز، عربي ٽيچر فردوس ناصر، نصير احمد، فزيڪل ايجوڪيشن ٽيچر فاروق احمد، دادلي، آصف علي، دين محمد ۽ ٻيا شامل آهن. سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جعلي ڊگريون رکندڙ 71 ئي اڌر ڪيڊر استادن کي نوڪرين مان برطرف ڪري سندن پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. برطرف ڪيل استادن ۾ ڊرائينگ ٽيچر 23، فزيڪل ايجوڪيشن ٽيچر 19، عربي ٽيچر 7، لينگويج ٽيچر 20 ۽ سنڌي لينگويج ٽيچر 2 آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button