پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٻن ڇوڪرين جي اغوا ۽ نوجوان جي قتل خلاف ڌرڻو

ميرپورخاص: عمرڪوٽ مان مبينا اغوا ٿيل لالي ڪڇي ۽ پراڻي ميرپور مان اغوا ٿيل مينا ڀاٽ کي جبري مذهب تبديل ڪرڻ ۽ لالي ڪڇي جي ڀا لالو ڪڇي جي مبينا قتل ۾ ملوث پوليس اھلڪار عبدالله کوسو کي پوليس پاران بچائڻ واري عمل خلاف پاڪستان درواڙ اتحاد جي سڏ تي مغوي نارين جي وارثن ۽ ھندو برادري جي ماڻهن پريس ڪلب ۽ ڊي آئي جي آفيس اڳيان نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن فقير شيوا ڪڇي، کيمچند ڀيل، سرون ڀيل، نارين جي وارثن لکما ڪولھي ۽ ٻين چيو ته ڪجهه مھينا اڳ پوليس اھلڪار عبدالله کوسو اسان جي نوجوان لالو ڪڇي کي قتل ڪرڻ بعد سندس ڀيڻ لالي ڪڇي کي اغوا ڪري ويو، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اڃا تائين ناري لالي کي بازياب نه ڪرايو آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي. ھنن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد مان مينا ڀاٽ کي اغوا بعد سندس زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي. ھنن چيو ته اسان اقليتي برادري جي ماڻهن سان وڏو ظلم آهي، زوري اسان جي نياڻين کي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي، ٻنھي معاملن ۾ پوليس اغوا ڪندڙن جي ونگاري بڻيل آهي، جنھن ڪري اسان انصاف لاءِ عورتن مردن سميت روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آھيون. ھنن ڊي آئي جي ميرپورخاص سميت وسوارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنھي نارين کي بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button