پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ ڪوچ ڪلٽي، ڪنڊيڪٽر سميت 2 ڄڻا فوت، 21 زخمي

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ ڪوچ جي ڪنڊيڪٽر سميت 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، 21 مسافر زخمي ٿي پيا. خبر موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي خوفناڪ حادثو پيش آيو. ڳوٺ گوڙهيار ويجهو موڙ ڪاٽيندي تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا بس جو ڪنڊيڪٽر جئيندو درس جو رهواسي 45 ورهين جو مير حسن درس ۽ هڪ ڳوٺاڻو رتنياري واسي 50 ورهين جو غلام حسين رند ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 21 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو. زخمين ۾ سنڀو ڇتري، نهال مهراج، الياس بجير، ساهو، پاري، ديال، محمد حسن، خالد، وڪيو، راڻو، صوبدار، پهلاج، پريتم، اشوڪ، مدن، سترام، ستابي، صوبيه ۽ زاهده شامل آهن، زخمين مان 8 زخمين نهال، الياس، سنڀو، خالق، صدورو، نهال ڀڳڙو ۽ وڪيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، حادثي جي اطلاع بعد اسلام ڪوٽ سميت ڀرپاسي جي ٻين اسپتالن ۽ ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ايمبولنس گهرائي زخمين کي توڙي فوتين جي لاشن کي اسپتال پهچايو ويو. شهر جي ڊاڪٽرن به اسپتال پهچي زخمين جو علاج ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوچ واري ۾ مسافر کڻي ڪنري کان اسلام ڪوٽ ۽ سونڪليون ڳوٺ ڏانهن وڃي رهي هئي هيٺ مٿي ماڻهو سٿيل هجڻ توڙي تيز رفتاري سبب موڙ ڪٽيندي ڪلٽي ٿي پئي، جڏهن ته ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس موجب ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو آهي، ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button