پاڪستانعالمي

آمريڪا کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي، گڏجي ڪم ڪرڻ لا تيار

آمريڪا دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اِهو ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙي قسم جا واقعا بار بار ڇو ٿي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي خاص صلاحڪار ۽ قونصلر ڊيرڪ شيلٽ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي نئين لهر منهن ڏئي رهيو آهي جنهن تي آمريڪا پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان دهشتگردي جي نئين لهر ڇو منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اِهو خطرو ڇو وڌندو پيو وڃي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عهديدار ٻڌايو ته پشاور ۽ ڪراچي پوليس تي حملن تي ٿيندڙ جاچ مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ جو گهرائي سان جائزو وٺي رهيا آهيون ته جيئن انهن منصوبن جي حڪمت عملي جوڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهون. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته هن پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن گهرجن ۽ آمريڪا طرفان ڏنل مدد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پر هن افغانستان ۾ دهشتگردي جي ٺڪاڻن تي حملن ۾ مدد بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button