پاڪستان

صدر مملڪت جي آفيس کي بليڪ ميلنگ جو اڏو نه بڻايو وڃي:گهرو وزير

گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته صدر اليڪشن ڪميشن کي غير قانوني ۽ غير آئيني ڪم تي مجبور نٿو ڪري سگهي، صدر مملڪت جي آفيس کي بليڪ ميلنگ جو اڏو نه بڻايو وڃي، صدر آئين جي حدن ۾ رهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته صدر جو اليڪشن سان ڪو ڪم ناهي، هروڀرو ڄنگهه نه اڙائي، عارف علوي آئين جي حدن ۾ رھي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان صدر جو ڪو به واسطو ناھي، اليڪشن ڪميشن اوھان جو نوڪر ناھي جو جيڪو اوھان چئو اُھو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان معيشت، پرڏيهي لاڳاپن ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچايو آهي، عمران رياستي سربراهه جي عهدي کي سازش لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button