پاڪستانعالمي

افغانستان ۾ ڪارروائي ٿيڻ تائين پاڪستان ۾ دهشتگردي جا خدشا برقرار رهندا: بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي پاليسي تي نئين سويلين ۽ عسڪري قيادت فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو آهي، عمران حڪومت جي پاليسي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ جي هئي. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران دهشتگردن سان غير مشروط ڳالهيون ڪيون، سندس پاليسي تي نئين سويلين ۽ عسڪري قيادت فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين، افغانستان مان خطرن جي حل کان سواءِ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو رهندو. ٻئي طرف جرمني جي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته افغانستان ۾ ڪارروائي ٿيڻ تائين پاڪستان ۾ دهشتگردي جا خدشا برقرار رهندا، جيستائين پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو رسڪ رهندو، اسان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪو به ملڪ ٽي ٽي پي سان لاڳاپا رکندو اهو اسان جو دوست نٿو رهي سگهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه پاليسين جي ڪري اسان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي لهر کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اسان هن صورتحال تي ضابطو آڻي وٺنداسين، جيئن اسان گذريل هفتي ڪراچي ۾ ڏٺو ته پوليس بهادري ۽ مڙسي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ موجود عبوري حڪومت کي اهڙين تنظيمن کي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ته اهي سندن سرزمين استعمال ڪري اهڙيون سرگرميون انجام ڏين، پاڙيسري ملڪ کي پنهنجي سرزمين تي انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جو ٻيهر زور وٺڻ جي پٺيان گذريل حڪومت جي ان پاليسي جو به ڪردار آهي ته اسان جي دوستي ڪرايو، جڏهن ته اسان جو موقف آهي ته جيڪو به ملڪ ٽي ٽي پي سان دوستي رکندو اهو اسان جو دوست نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي تنظيمون اسان جي ملڪ ۽ ان جي آئين کي نه مڃين، جيڪي دهشتگردي کي دهشتگردي ئي نه سمجهن، ڏوهن کي ڏوهه نه سمجهن، مان نٿو سمجهان ته اهڙي قسم جي گروپن سان ڳالهيون ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button