پاڪستانخيبرپختونخوا

صدر کي اختيار ناهي، خيبرپختونخوا جي گورنر چونڊن جي تاريخ رد ڪري ڇڏي

خيبرپختونخوا صوبي جي گورنر غلام علي صدر عارف علوي طرفان چونڊن جي تاريخ ڏيڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي. گورنر جو چوڻ آهي ته صدر وٽ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ئي ناهي. تفصيل موجب صدر مملڪت عارف علوي طرفان خيبرپختونخوا ۽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ واري اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي گورنر ڪي پي ڪي غلام علي چيو ته اڱاري تي (اڄ) صوبي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيڻو آهي، جنهن بعد فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف سينيئر قانوندان ۽ اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور چيو آهي ته قانون تحت گورنر کي عمل ڪرڻو پوندو آهي، قانون ۾ لکيل آهي ته صدر عام چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهي ٿو، جيڪڏهن صوبن جا گورنر ڪنسلٽيشن کان انڪار ڪن ته صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن صدر کي لکيل خط ۾ ڏاڍا سخت لفظ استعمال ڪيا آهن، هاڻي هي معاملو عدالت ۾ ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button