پاڪستانپنجاب

عمران خان نيٺ عدالت ۾ پيش، 3 مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور

لاهور هاءِ ڪورٽ سنگجاني ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم ضمانت واري ٻي درخواست تي معذرت ڪئي، جنهن تي عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عمران خان خلاف سنگجاني ٿاڻي تي داخل ڪيس جي شنوائي ڪئي، عدالت عمران خان جي 3 مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڏينهن ۾ 5 ڀيرا مهلتون ملڻ بعد نيٺ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. عمران خان وڪالت ۽ حلف نامي تي مختلف صحيحُن جي ڪيس ۾ جسٽس طارق سليم شيخ تي ٻڌل سنگل بئنچ اڳيان پيش ٿيو. هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيح ۾ فرق تي وضاحت ۽ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي ڪالهه شام 5 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو هو جنهن بعد هو 6 وڳي ڌاري عدالتي حدن ۾ داخل ٿيو. ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن عدالت کان درخواست ڪئي ته عمران خان جي حاضري قبول ڪئي وڃي کيس ويل چيئر تي گاڏي مان عدالتي ڪمري تائين پهچائڻ ممڪن ناهي پر عدالت اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ عمران خان کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ان کانپوءِ عمران خان ساڍي ستين وڳي پنهنجي گاڏي مان نڪري پاڻ پنڌ ڪري جسٽس باقر نجفي جي عدالتي ڪمري ۾ پهتو. وڪيل خواجا طارق رحيم حفاظتي ضمانت جي درخواست تي عمران خان جي صحيح نه هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا. اهو تاثر اچي رهيو آهي ته عمران خان پيش ٿيڻ نٿو چاهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ جو چوڻ هو ته مان عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿو ڪريان ۽ ٽن هفتن جي تاريخ ڏيان ٿو. وڪيل چيو ته عمران خان سڀاڻي ئي اچي ويندو، جنهن تي عدلت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. عدالت چيو ته ايتري تڪڙ ناهي، اڃا حڪم لکرائڻ ڏيو، توهان قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان ليڊر ۽ رول ماڊل آهي، کيس رول ماڊل ئي رهڻ ڏيو. بعد ۾ پي ٽي آ چيئرمين عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته 28 فيبروري تي سندس ڄنگهه جو ايڪسري ٿيڻو آهي، ڄنگهه ڪافي حد تائين ٺيڪ ٿي وئي آهي پر ڊاڪٽرن مون کي اڃا 2 هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن چيو ته مان هڪ ڪلاڪ تائين گاڏي ۾ موجود رهيس ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لا انتظار ڪندو رهيس، منهنجي پارٽي جو نالو ئي انصاف جي نالي تي آهي، آئون عدالت جو مڪمل احترام ڪريان ٿو، مون سدائين عدالتن جو احترام ڪيو آھي، ان لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ آيس. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ تان ڪنھن به صورت ۾ پوئتي نه ھٽندس، ملڪ ۾ ناانصافي ٿي رھي آھي، عدالت کي ان جو به نوٽيس وٺڻ گھرجي، سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button