پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ لاڙڪاڻي جي رهواسڻ فوت، ڊاڪٽرياڻي تي الزام

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي ليڊيز جيل روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ 9 ڏينهن اڳ ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب اوٺا چوڪ واسڻ عورت خالده ڪنڀر جي پيٽ ۾ سندس ٻار فوت ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ عورت کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي ايس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جيڪا گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي. ان حوالي سان فوتي عورت جي مڙس وزير علي ڪنڀر پنهنجي وارثن عاصم انڙ، اعظم انڙ، امداد انڙ، محمد سومر انڙ ۽ ٻين سان گڏ آيس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ واقعي بابت وڊيو رڪارڊ ڪندي لاڙڪاڻي جي صحافين کي دانهيندي الزام لڳايو ته 9 ڏينهن اڳ ڊاڪٽرياڻي فوزيه ڪاشف ليڊيز جيل روڊ تي قائم پنهنجي خانگي انڊس ميڊيڪل سينٽر ۾ گهرواري جي ويم جو غلط آپريشن ڪيو، جنهن ڪري پيٽ ۾ ٻار فوت ٿي ويو ۽ گهرواري جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي ڪراچي ايس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جيڪا 9 ڏينهن بيهوش رهڻ بعد ڊاڪٽرياڻي جي غلط آپريشن سبب فوت ٿي وئي. وارثن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي فوزيه ڪاشف مٿان ٻن قتلن جي ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن عورت جو لاش ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button