پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي لڳ 15 گهرن کي باهه، 15 ٻڪريون ۽ 2 مينهون سڙي مري ويون

ڄام نوازعلي: ڄام نواز علي لڳ ڳوٺ الھجڙيو شيدي ۾ ڀيل برادري جي 15 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان رک ٿي ويو، 15 ٻڪريون ۽ 2 مينهون سڙي مري ويون. رپورٽ موجب ڄام نواز علي لڳ ڳوٺ الهجڙيو شيدي ۾ ڀيل برادري جي 15 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ دوران ڳوٺاڻا جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيا، باهه سبب گورکو ڀيل، فقيرو، چيتن، هوتو ۽ کيمون ڀيل سميت ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، سونا زيور، ٿانو ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي ويو. جڏهن ته 15 ٻڪريون ۽ 2 مينهون سڙي مري ويون. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. گهر سڙڻ بعد متاثر ماڻهو عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي فوري طور مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button