پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ پرائمري اسڪول تي قبضي ۽ تعميراتي ڪم بند ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ٽنڊوالهيار/عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي جي ڳوٺ جمع خان لنڊ جي پرائمري اسڪول تي بااثر جي قبضي خلاف ڳوٺاڻن اختر لنڊ، شير محمد، علي نواز، حنيف، اشرف ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول جي عمارت زبون هجڻ ڪري صوبائي وزير ضيا عباس شاھه ٻيهر عمارت منظور ڪرائي آهي، جنهن جو ڪم هلي رهيو آهي، پر بااثر ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي، ان ڪري ٺيڪيدار به هليو ويو آهي، اسان ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ تعليم کاتي جي مقامي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير نوٽيس نٿو وٺي. هنن گهر ڪئي ته جلد اسڪول تان قبضُ ختم ڪرائي اسڪول تعمير ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button