پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي لڳ نوجوان غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي لڳ نوجوان غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. سلطان آباد ٿاڻي جي حد خواجه ڳوٺ جي رھواسي 20 ورهين جي لالچند پٽ ٽيلو غربت ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي ڳوٺ ٻاھران انبن جي باغ ۾ ڳچي ۾ رسو وجھي ڦاھو کائي ڇڏيو، اطلاع تي سلطان آباد پوليس واقعي واري هنڌ تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button