پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ سائنسي نمائش، شاگردن زبردست ماڊل ٺاهي حيران ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول موليڏنو خاصخيلي ۾ شاگردن ۽ استادن پاران سائنسي ماڊلز جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 6 ڪلاس کان مئٽرڪ جي شاگردن ڪئمسٽري، فزڪس، ڪمپيوٽر سائنس، مڪينيڪل انجنيئرنگ، سول انجنيئرنگ، ماحولياتي سائنس، ميٿاميٽڪس، ڊرائنگ ۽ مجسما سازي توڙي ثقافتي ورثن بابت پنھنجا ماڊل ٺاھي تعليمي کاتي جي آيل آفيسرن، استادن، شاگردن توڙي والدين ۽ ٻين ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. شاگردن پاران نابين ماڻھن جي رھنمائي لاءِ اليڪٽرانڪ سينسر لڳل لٺ ٺاھي وئي. شاگردن ٻڌايو ته ڄاڻايل لٺ نابين ماڻھن جي رھنمائي ڪري سگھندي تھ ھو صاف ۽ سڌي رستي تي ھلي سگھن. اھڙي ريت اليڪٽرانڪ ڪار پڻ ٺاھي وئي، جنھن وسيلي زلزلن توڙي ٻين حادثن جي صورت ۾ ڦاٿل ماڻھن تائين رسائي ممڪن ٿي سگھندي. شاگردن توڙي شاگردياڻين ڊي اين اي جو اسٽرڪچر، ويب ڊولپنگ، سافٽ ويئر، ھائيڊرولڪ مشينون، ماحولياتي گدلاڻ کان بچڻ، صاف پاڻي مھيا ڪرڻ، انساني جسم جي مختلف عضون جي ڪم ڪرڻ، سولر سسسٽم، سيٽ لائيٽس ۽ ٻين شين جا ماڊل ٺاھيا. نوجوانن ملهھ وڙھندڙ ماڻھن جا مجسما، شاھه لطيف جو مجسمو ۽ پينسل ورڪ ذريعي شاھھ لطيف جي مقبري جو ماڊل ٺاھيو. منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر ھائير سيڪنڊري اسڪولز فيض علي جسڪاڻي، گسٽا اڳواڻ گل حسن لاشاري، پ ٽ الف اڳواڻن ۽ ٻين چيو ته جيڪي ٻار مٽيءَ سان کيڏن ٿا، انھن ۾ تخليقي صلاحيتون تمام گھڻيون ھجن ٿيون. ٻھراڙين سان تعلق رکندڙ ۽ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران جوڙيل ماڊلز ڏسي ھڪ اميد جاڳي آھي تھ اسان جا ٻار مستقبل جي چيلينجز کي سمجھن ٿا..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button