پاڪستانسنڌ

بارکان واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي:ثمر حيدر جتوئي

مقصودو رند: بلوچستان جي بارکان واري علائقي ۾ مري برادري سان تعلق رکندڙ عورت ۽ سندس نوجوان پٽن جي بي رحماڻي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاھي ڏني وڃي. اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ۽ سينيئر نائب صدر محمد ادريس بروهي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي بي حسي ۽ لاپرواهي تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو، ڇوته بلوچستان ۾ عورت نازگل ڪجهھ ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي پاڪ ڪتاب کڻي پنھنجا خدشا ظاھر ڪيا ھئا ۽ بلوچستان جي صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران جو نالو ورتو ھو ته ان ئي وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھرجي ھا ته واقعي جو نوٽيس وٺن ھا ۽ ان مامعلي جي شفاف جاچ ڪرائين ھا ته اھڙو جھوريندڙ افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي ھا. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت کي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button