پاڪستانسنڌ

ڇور ۾ معصوم نينگري سان زيادتي جو انڪشاف، ڪيس داخل

عمرڪوٽ: ڇور ۾ معصوم نينگري سان جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وارثن کي ميڊيڪل لا ليٽر ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڇور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽيبري ۾ هڪ 14 ورهين جي معصوم نينگري سان هڪ جوابدار پاران جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي. متاثر نياڻي جي والد جي فرياد تي وومين ٿاڻي تي جوابدار خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس گرفتاري لا ڇاپا هنيا، پر جوابدار اڳ ئي فرار ٿي ويو هو. ٻئي پاسي متاثر نينگري جي والد صحافين وٽ پهچي انصاف لا احتجاج ڪندي دانهون ڪيون. هن چيو ته رات دير سان هڪ ظالم جوابدار اسان جي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي معصوم نياڻي سان جنسي زيادتي ڪئي، منهنجي نياڻي جي زندگي تباهه ڪئي وئي آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري اسان کي گهر موڪلي ڇڏيو، اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. هن ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي فورن گرفتار ڪري سزا ڏياري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وومين مھناز اعواڻ ٻڌايو ته متاثر نينگري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو آهي، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار لا ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button