پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ گرلز اسڪول کي 20 سالن کان عمارت نه ملي، احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ سمون رند جي ابراهيم پاڙي جي گرلز پرائمري اسڪول کي 20 سالن کان عمارت نه ملي، ڳوٺاڻا هڪ ڪکائين چوئنري ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول کي هلائڻ لڳا آهن. ڳوٺاڻن جي درخواستن باوجود تعليم کاتي ڌيان نه ڏنو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن لعل محمد رند، جيئندو خان رند، مرتضى، جلال، قاسم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ڊي اي او پرائمري بچل ھاليپوٽو ۽ ٽي اي او يامين درس ڀرپاسي جي ڳوٺن جي اسڪولن جا دورا ڪيا، پر اسان وٽ نه آيا، 2003ع ۾ سمز ڪوڊ سان منظور ٿيل اسڪول کي اسٽاف ۽ عمارت ناهي ملي، ڳوٺ جي سوين نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ ڪکائين چوئنرن ۾ ڳوٺ جي سوين نياڻين جي تعليم لاءِ هڪ ماسترياڻي رضاڪاراڻي طور رکي آهي، جيڪا نياڻين کي پڙهائي رهي آهي. ڳوٺاڻن تعليم واري وزير سردار شاهه کان اپيل ڪئي ته اسڪول جي عمارت، فرنيچر ڏئي ماسترياڻيون مقرر ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button