پاڪستانعالمي

خواجا آصف جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد ڪابل پهچي ويو، سينيئر افغان قيادت سان ملاقات

بچا واري وزير خواجا آصف جي قيادت ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري وزير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزير سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي وزير امير خان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ٻنهي ڌرين مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران دهشتگردي جي خطري کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستاني وفد ۾ آئي ايس آئي جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم، پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان، افغانستان لاءِ پاڪستان جو خاص نمائندو محمد صادق، عبيدالرحمان نظاماڻي ۽ ٻيا سول ۽ فوجي آفيسر شامل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button