بلوچستانپاڪستان

بارکان سانحي جو مک ڪردار عبدالرحمان کيتران گرفتار،اعليٰ سطحي جاچ جو اعلان

بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ عورت کي ٻن پٽن سميت قتل ڪرڻ جي الزام ۾ برطرف ڪيل صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. بلوچستان پوليس مواصلات جي وزير عبدالرحمان کيتران کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي گذريل ڏينهن پيش آيل سانحي بعد وزارت تان برطرف ڪيو ويو هو. پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عبدالرحمان کيتران کي بارکان ۾ گران ناز مري ۽ سندس پٽن کي يرغمان بڻائي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي گهرو وزير بارکان واقعي بعد مري ڌر جي مغوين جي بازيابي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خط لکي ڇڏيو آهي. گهرو وزير طرفان خط ۾ لکيو ويو آهي ته عوام جي جان جو تحفظ ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي، مغوي بازياب نه ٿيڻ ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف بلوچستان حڪومت صوبائي اسيمبلي ۾ يقين ڏياريو آهي ته بارکان ۾ 3 ماڻهو قتل ٿيڻ جي اڻ ڌري جاچ ڪئي ويندي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏني ويندي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن بارکان ۾ هڪ عورت سميت 3 ماڻهن جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. بلوچستان جي گهرو وزير ايوان کي ٻڌايو ته وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجي واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ان واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button