پاڪستانپنجاب

جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات،شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن گرفتاري ڏئي ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آ) جي جيل ڀريو تحريڪ لاهور مان شروع ٿي وئي، پارٽي چيئرمين عمران خان اعلان باوجود گرفتاري نه ڏني، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سينيٽر اعظم سواتي، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاري ڏئي ڇڏي، جن کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آهي. شاهه محمود قريشي تحريڪ جي شروعات ۾ سڀ کان پهرين گرفتاري پيش ڪندي قيدين واري وين ۾ زوري چڙهي ويهي رهيو، بعد ۾ اسد عمر، اعظم سواتي، عمر سرفراز چيما ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن به گرفتاريون پيش ڪيون، تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان به گرفتاري ڏيندڙ اڳواڻن جون سيلفيون جاري ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ ڪيپٽل سٽي پوليس ( سي سي پي او ) آفيس تي پي ٽي آءِ جي ڪيئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قيدين جي گاڏي ۾ سوار ٿي ويا ۽ قيدن جي وين جي ڇت تي چڙهي ويا. گرفتاريون ڏيندڙ ڪارڪن قيدين واري وين تي چڙهي سيلفيون به ڪڍندا رهيا. ٻئي طرف لاهور پوليس موقف پيش ڪندي چيو ته اسان کي گرفتارين جو ڪو به حڪم ناهي مليو، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پاڻ قيدين واري گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺا آهن، هنن کي اسان گرفتار ناهي ڪيو، هي پاڻ ئي قيدين واري وين ۾ اچي ويهي رهيا آهن. پي ٽي آ طرفان شروع ڪيل جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين ڏينهن لاهور پوليس مال روڊ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي قيدين جي گاڏي ۾ ويهڻ لا آڇ ڪندي رهي، پوليس اهلڪارن لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو ته پي ٽي آ جا جيڪي ڪارڪن گرفتاريون ڏيڻ چاهين ٿا اهي قيدين جي گاڏين ۾ ويهي سگهن ٿا، هتي قيدين واريون گاڏيون موجود آهن، جنهن کي گرفتاري ڏيڻي آهي، هليو اچي. هوڏانهن سي سي پي او آفيس ۾ پوليس اهلڪارن سميت سڀني جي داخلا روڪي وئي، جنهن بعد پي ٽي آءِ ڪارڪن سي سي پي او آفيس آڏو روڊ تي ليٽي پيا ۽ ڪي وري وين تي چڙهي سيلفيون ٺاهيندا رهيا، بعد ۾ ڪيئي ڪارڪن پوليس وين تان لهي ويا ۽ سي سي پي او آفيس کان واپس چيئرنگ ڪراس طرف روانو ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي پوري تياري آهي ۽ کين 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويندو، گرفتار ٿيندڙ ماڻهن کي ميانوالي، اٽڪ ۽ ڊيرا غازي خان جي جيلن ۾ موڪليو ويندو. جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي قيدين جي وين ۾ ويهڻ بعد صحافين سان گفتگو دوران دعويٰ ڪئي ته پوليس کي بنا مزاحمت جي گرفتاري ڏني. هن چيو ته سمجهيو پوليس سي سي پي او آفيس وٺي ويندي پر هاڻي خبر ناهي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي ميڊيا افيئرز هيڊ فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پوليس پي ٽي آ جي 500 کان 700 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات بابت وڊيو لنڪ خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي ته حڪمران اڄ جيڪو به ڪري رهيا آهن، ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي. جيڪڏهن اسان جي سرڪار آئي ته ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته پهريان توهان غير قانوني ڪم ڪيا پر هن ڀيري بچي نه سگهندا، 90 ڏينهن بعد نگران حڪومت برقرار نٿي رهي سگهي، اسان جي دور ۾ نيب 480 ارب رپيا وصول ڪيا هئا، اڄ جيڪو به ايڪشن وٺي رهيو آهي، مان ان کي نه ڇڏيندس، حڪمران عوام کان قربانيون گهري رهيا آهن، پاڻ به ڪجهه ڪريو اسان جي سامهون ڳوڙها نه ڳاڙيو، جيڪڏهن ايترو لاچار آهي ته عوام خاطر پرڏيهه ۾ رکيل پنهنجا پئسا ڏيهه واپس آڻيو، قوم هاڻي بيوقوف نه بڻجندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button