بلوچستانپاڪستان

بارکان واقعي ۾ نئون ڇرڪائيندڙ موڙ، قتل ڄاڻايل عورت گران ناز 4 ٻارن سميت بازياب

بلوچستان جي ضلعي بارکان ۾ پيش آيل واقعي ۾ نئون موڙ اچي ويو، قتل ڄاڻايل عورت گران ناز کي 3 پٽن ۽ هڪ ڌي سميت بازياب ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ هٿ آيل لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اهو لاش عورت گران ناز جو نه پر هڪ ٻي ڇوڪري جو آهي، جنهن سان مبينا طور جنسي زيادتي ڪئي وئي. تفصيل موجب ليويز اهلڪارن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري خان محمد مري جي سمورن مغوي گهرڀاتين کي بازياب ڪرائي ورتو، جن ۾ سندس زال، 3 پٽ ۽ هڪ ڌيءَ شامل آهي. ان حوالي سان رسالدار ميجر ڪمانڊر، ڪيو آر ايف ليويز شيرمحمد مري ٻڌايو ته هڪ مغوي ٻار کي دڪي جڏهن ته ٻين ٻارڙن کي بارخان ۽ ڊيرا بگٽي جي سرحدي علائقي مان ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته 120 جوانن ۽ آفيسرن تي ٻڌل چئن ٽيمن ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪاررواين ۾ حصو ورتو، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ليويز جي هدايت تي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ شروعاتي ڇاپي دوران خان محمد جي زال ۽ ڌيءَ کي هڪ پٽ سميت بازياب ڪرايو ويو هو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ليويز جي ڪوئيڪ ريسپانس فورس دڪي جي علائقي نانا صاحب ۾ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ خان محمد مري جو هڪ ٻيو پٽ بازياب ڪرايو ويو جنهن بعد 12 ورهين جي عبدالستار ۽ 9 ورهين جي عبدالغفار کي صبح سوير ڪيل آپريشن ۾ بازياب ڪرايو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪنهن قسم جي مزاحمت نه ٿي، ڇو ته ڏوهارين کي ليويز ڇاپي جا اڳواٽ اطلاع ملي چڪا هئا ۽ اهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، بازياب ٿيل سمورن ماڻهن کي ڪمشنر لورالائي جي حوالي ڪيو ويو. بازياب ڪرايل عورت گران ناز ۽ سندس ٻارن جون تصويرون پڻ سامهون آيون آهن. تصويرن مان هڪ ۾ ليويز اهلڪار خان محمد مري جي گهرواري کي مٿي تي چادر پارائي رهيو آهي، ٻي تصوير ۾ گران ناز، سندس هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پُٽ کي بازياب ڪرائيندي ڏسي سگهجي ٿو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عورت گران ناز هڪ وڊيو ۾ قرآن پاڪ کڻي صوبائي وزير سردار کيتران تي کيس ۽ ٻارن کي خانگي جيل ۾ قيد ڪرڻ جو الزام هنيو هو. انکانپوءِ بلوچستان جي علائقي بارکان جي کوهه مان هڪ عورت ۽ ٻن نوجوانن جا لاش هٿ آيا هئا جن بابت گران ناز جي مڙس خان محمد مري دعويٰ ڪئي هئي ته کوهه مان مليل لاش سندس گهرواري جو آهي. انکانپوءِ لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته اهو لاش عورت گران ناز جو ناهي پر هڪ ٻي ڇوڪري جو آهي جنهن جي عمر 17 کان 18 سال آهي ۽ مقتولا سان جنسي زيادتي ۽ تشدد ڪيو ويو آهي. عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عائشا فيض جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل ناري جي عمر 17 کان 18 سال آهي، جنهن کي قتل کان اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ڇوڪريءَ جي مٿي ۾ 3 گوليون هنيون ويون، سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ چهري کي چچريو ويو. ٻئي طرف بارکان سانحي تي گرفتار ڪيل صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي جڊيشل مئجسٽريٽ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. برطرف ڪيل صوبائي وزير کي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪوئيٽا جي مقامي عدالت ۾ پهچايو ويو. پوليس طرفان جوابدار جي رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. هوڏانهن بارکان واقعي خلاف ڪوئيٽا ۾ مري برادري جي ماڻهن ٽئين ڏينهن به لاش رکي ڌرڻو جاري رکيو، جتي گران ناز جو مڙس خان محمد مري به شريڪ ٿيو. خان محمد مري جو چوڻ آهي ته بارکان مان مليل لاش منهنجي ٻن پٽن جا آهن، اطلاع مليو آهي ڪٽنب جي باقي ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اهو اطلاع مليو آهي ته ليويز اهلڪارن منهنجي گهرڀاتين کي بازياب ڪرايو آهي. ڇوڪري جو منهن سڃاڻپ جهڙو نه هيو، پٽن جي لاشن سبب مون گهرواري سمجهي، اها به ڪنهن جي ته ڌيءَ ۽ ڀيڻ هوندي نه. هن جو چوڻ هو ته ان واقعي پٺيان عبدالرحمان کيتران ئي آهي، منهنجا ٻار سردار جي قيد ۾ هئا، مان عبدالرحمان کيتران وٽ نوڪري ڪندو هئس، هو ڪوڙي ڪيس ۾ پنهنجي پُٽ خلاف گواهي ڏيارڻ چاهي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button