تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ احتجاج جو پرامن طريقو آهي، عوام رستن تي نڪرڻ لا تيار آهي، اهڙين ئي حالتن ۾ سريلنڪا جي عوام وزيراعظم جو گهر ساڙيو هو. پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ اڳوڻي وزيراعظَم چيو ته تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مون ڪڏهن به اهڙيون ڌر بڻجندڙ نگران حڪومتون نه ڏٺيون آهن، جيڪڏهن 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿيون ته قوم تباهي جي رستي ڏانهن ويندي، جيتري دير تائين هي مٿي ويٺل هوندا ملڪ وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسجندو ويندو، معاشي ۽ سياسي استحڪام جو واحد حل صاف ۽ شفاف چونڊون آهن، جيڪڏهن اسان امن وارو رستو اختيار نه ڪريون ته قوم ٻئي پاسي نڪري ويندي، جنهن سان ملڪ ۾ تباهي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close