پاڪستانسنڌ

اي سي شهدادپور تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرا

شاهپورچاڪر/اسلام ڪوٽ: اي سي شھدادپور جاويد احمد ڏاهري تي ايف آئي آر داخل ٿيڻ خلاف ڏاهري يوٿ آرگنائيزيشن جي ڊاڪٽر عزيز ڏاھري، شاهنواز ڏاهري، نويد ڏاهري، بشير احمد ڏاهري. فقير محمد ڏاهري، محمد عظيم ڏاهري، صوفي انب فقير، دلبر خان ڏاهري، حاجي عليم ڏاهري، علي جان ڏاهري، راشد ڏاهري ، ياسر ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين ناڪي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اي سي جاويد احمد ڏاهري ايماندار آفيسر آھي، شھدادپور شھر ۾ قبضا مافيا سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري رهي هئي، جنهن تي اي سي جاويد احمد ڏاهري اينٽي انڪروچمينٽ عملي سان گڏ ڪارروائي ڪئي ته مافيا هٿياربند گهرائي مٿس حملو ڪيو، اي سي جاويد احمد ڏاهري ۽ عملي مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اي سي تي داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسلام ڪوٽ ۾ روينيو آفيس ۾ اي سي اختر لاشاري، مختيارڪار غفار لاکير، تپيدارن اسماعيل هنگورجو، نهال ڀيل، پيارو هنگورجو، ڪلارڪ علي محمد چارو ۽ ٻين اي سي شهدادپور تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button