پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف جو مطالبن جي مڃتا لا مظاهرو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ 21 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن امرت لال اوڏ، ديدار علي کوکر، غلام الله سانگي، افسر علي قريشي، عبدالڪريم ميڪڻ، اياز حسين تونيو، اعجاز ڌامراهه ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري طرفان ڏيڍ سال اڳ تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين دوران هيڊ ماسترن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي هئيو پر ان باوجود ڊائريڪٽر پرائمري انيس الرحمٰن جلباڻي پرائمري اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن جو بدليون ۽ مقرريون ڪري رهيو آهي، جونيئر استادن کي هيڊ ماستر مقرر ڪري هٿ وٺي اسڪولن جي ماحول کي خراب ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اڪثر اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته تعليم کاتي لاڙڪاڻي جي آفيسرن فرنيچر جي مد ۾ آيل رقم مان 87 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ سال کان 17 هين گريڊ جي گزيٽيڊ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي مقرر نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري استادن جا ڪيترائي مسئلا التوا ۾ پيل آهن. هنن وڏي وزير ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته هيڊ ماسترن جون بدليون ۽ مقرريون روڪي جلد 17 هين گريڊ جو ٽي اي او مقرر ڪري فرنيچر جي کوٽ ختم ڪرائي ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف قدم کنيو وڃي..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button