پاڪستانسنڌ

نئون ديرو گرلس اسڪول ۾ سائنسي ميلو، شاگردن جا زبردست ماڊلز پيش

نئون ديرو: آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي نگراني ۾ هلندڙ گورنمينٽ گرلس هائي اسڪول ڪيهر ۾ وڏو سائنس ايگزيبيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي 35 پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. سائنس ايگزبيشن جو افتتاح ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز اينڊ اسڪول نور حسين شر ۽ ڊي او سيڪنڊري لاڙڪاڻو اختر ڪوريجو ڪيو. جڏهن ته ڪمپلائنس مئنيجر اعجاز چانڊيو، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر محمد شريف شيخ، مهجبين ڀٽو، زمرد ڀٽو، شائسته ڀٽو، نعيم ڪوريجو، عاطف ڪوريجو ۽ ٻيا شريڪ هئا. سائنس ايگزيبيشن ۾ فزڪس، ڪئمسٽري، بايولاجي، مئٿس ۽ جنرل سائنس جي سبجيڪٽن ۾ شاگردن پنهنجا تيار ڪيل ماڊل دل، گڙدي، ساهه کڻڻ جي سرشتي، نظام شمسي، پاور هائوسز، ماحولياتي آلودگي، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ مواد، اسڪول ماڊل، ٻرندڙ جبل، ڊائلاسز، گڙدي مان پٿريءَ جي آپريشن سسٽم سميت مختلف پراجيڪٽس ٺاهي نمائش لاءِ پيش ڪيا. ايگزيبيشن ۾ فزڪس سبجيڪٽ ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيهر پهرين، پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٻئي ۽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. بايولاجي ۾ بوائز هاءِ اسڪول علي محمد چاوڙو پهرين، گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول وڪيا سانگي ٻين ۽ ايليمينٽري اسڪول وڏي وهڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪئمسٽري ۾ گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول رتوديرو پهرين، آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. مئٿس جي سبجيڪٽ ۾ گرلز هاءِ اسڪول نئون ديرو پهرين، بوائز هاءِ اسڪول گابر مسڻ ٻئي ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نئون ديرو ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. جنرل سائنس سبجيڪٽ ۾ ڌامراهه پهرين، بوائز پرائمري اسڪول ون ٻئي ۽ بوائز پرائمري اسڪول ڪيهر ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نور حسين شر، اختر ڪوريجو، اعجاز چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هن سائنس ايگزبيشن ڪرائڻ سان اسان جي شاگردن جا سائنسدان طور ڪم ڪرڻ لاءِ حوصلا بلند ٿيا آهن. آخر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button