پاڪستانسنڌ

موسى کٽياڻ ۾ مشهور زميندار عبدالغني کٽياڻ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد: ٽنڊوڄام لڳ موسيٰ کٽياڻ جو مشهور زميندار عبدالغني کٽياڻ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کي درگاهه جمال شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ما ءُ حوالي ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. رپورٽ موجب ٽنڊو ڄام لڳ موسيٰ کٽياڻ جو معزز شخص مشهور زميندار عبدالغني کٽياڻ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، زميندارن، آبادگارن، واپارين ۽ برادريءَ جي ماڻهن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي درگاهه جمال شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button