پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ زمين تڪرار تان فائرنگ، شاگرد سميت 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، سڌيون گوليون لڳڻ ڪري هڪ شاگرد سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. فائرنگ ۾ 3 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا. لاش ۽ زخمي 6 ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا. خبر موجب ڪلوئي لڳ ڳوٺ ناٿو ليل ۾ زمين جي تڪرار تان اڄ فجر ويل ڳوٺ ڪرم علي سمون جا رهواسي دودو سمون ۽ رحيم فجر تڪرار واري زمين تي پهتا ته ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين جي ماڻهن آمهون سامهون سڌي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد راجا ليل ۽ دودو سمون گوليون لڳڻ سبب موقٿي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته حسين ليل، ڏاتر ڏنو ليل ۽ رحيم سمون سخت زخمي ٿي پيا. لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ 6 ڪلاڪن تائين تڪراري زمين تي پيل رهيا. اطلاع تي ايس ايڇ او ڪلوئي امين جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڪلوئي، وڄوٽو ۽ ڏيپلو سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو. پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڏيپلو اسپتال آندو. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او امين جوڻيجو چيو ته اسان هلندڙ فائرنگ ۾ پهچي ٻنهي ڌرين جا هٿياربند ماڻهو گرفتار ڪري زخمين ۽ مقتولن جا لاش کڻائي ڏيپلو اسپتال پهچايا آهن. تڪراري زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي ته ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي ڳوٺ خميسو ليل جو رهواسي شاگرد راجا ليل نائين ڪلاس جو شاگرد هو، سندس اقتل جي اطلاع تي رحمان آباد جو هائي اسڪول سوڳ ۾ بند ٿي ويو. ٻن ماڻهن جي قتل بعد سڄي علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي ۽ ڳوٺ ناٿو ليل ۽ ڀرپاسي جا اسڪول بند ٿي ويا. پنگريو-ڦانٽ فارم روڊ مڪمل طور بند رهيو. هوڏانهن ليل برادري جي نيڪ مرد فيض محمد ليل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سمان ڌر جي ماڻهن اسان جي گهرن تي ڪاهه ڪري ڳڀرو نوجوان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. هن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻي ڌر جي نيڪ مرد ڪريم سمون چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون، اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. واضح رهي ته جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جديد هٿيارن سان هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button