
ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پرڻيل عورت خودڪشي ڪري ڇڏي. ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عمر ٻگھيو ۾ پرڻيل عورت ڪملا زال تارو ڪولھي گھريلو اڻبڻت سبب گھر جي ڇت مٿان لڳل بانس ۾ رسو وجھي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.