پاڪستانسنڌ

سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻا گرفتار، دهشتگردي جو ڪيس داخل

حيدرآباد/مورو/ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي، سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻا گرفتار، دهشتگردي قلم هيٺ ڏيڍ سئو شهرين تي ڪيس داخل، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا. تفصيل موجب ڪنڊيارو تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪنن سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته ڌرڻي دوران پوليس پرامن احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي شروع ڪري ڇڏي، جنهن کان پو پوليس اهلڪارن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو، شڪيل گهانگهرو ۽ سرمد آزاد سميت 7 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ٻي طرف چڪرين دوران اي ايس آ اعجاز بڙدي ۽ سپاهي ضمير سيال زخمي ٿي پيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته علائقي ۾ بدامني عروج تي آهي، جنهن خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته پوليس لٺبازي ڪري تشدد ڪيو، پرامن ڪارڪنن تي تشدد پوليس دهشتگردي آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ صحافين کي ٻڌايو ته احتجاج پريس ڪلب يا ڪنهن عوامي جڳهه تي ڪيو ويندو آهي، ٿاڻي تي اچي اهلڪارن تي تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب گرفتاريون ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. هوڏانهن زخمي اي ايس آ اعجاز بڙدي جي فرياد تي سنڌو نواز گهانگهرو، حمزو چانڊيو ۽ سرمد آزاد سميت 13 سڃاتل جوابدارن سميت ڏيڍ سئو شهرين تي دهشتگردي قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سياسي سماجي ڪارڪنن پنهل ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد بائي پاس تي ڌرڻو هڻي ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين تي لٺبازي ڪري گرفتار ڪرڻ پوليس دهشتگردي آهي، جنهن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ٻي پاسي مورو ۾ اصحاب چانڊيو، سينگار چانڊيو، شاھنواز ڀٽي، ابرار ميمڻ، پرويز سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جي نياڻي سنڌو نواز گھانگھرو ھميشھ حق سچ جو رستو اختيار ڪندي پرامن احتجاج ڪيو آھي، ھو ڏکئي وقت ۾ عوام جو آواز بڻجندي رھي آھي، سماجي اڳواڻن تي تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ ناانصافي آهي. ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي ھٽائي گرفتار ڪيل سنڌ جي نياڻي سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button