اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر ٻيهر 136 رپيا 44 پئسا مهانگو

اسلام آباد:وفاقي حڪومت ايل پي جي جو اگهه وري وڌائي ڇڏيو. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پهرين مارچ کانپوءِ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 136 رپيا 44 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي. ايل پي جي جي 11 ڏهائي 8 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 3277 رپيا 73 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته في ڪلو ايل پي جي 11 رپيا 56 پئسا مهانگي ٿي آهي ۽ نئين قيمت 277 رپيا 77 پئسا في ڪلو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button