اسلام آبادپاڪستان

جنرل ۽ جج کان به ٽول ٽيڪس چارج ڪيو وڃي:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي

اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بنا فرق سڀني کان ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه اسلام آباد ۾ نور عالم خان جي صدارت هيٺ پي اي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي ايجنڊا ۾ مواصلات وزارت بابت سال 22-2021 جا آڊٽ اعتراض شامل هئا. نور عالم خان ڊي جي ايف ڊبليو او جي عدم شرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ملتوي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڊي جي ايف ڊبليو او ناهي ته پوءِ مون کي ميٽنگ ئي نه ڪرڻ گهرجي ها. گهڻي ڀاڱي آڊٽ پيراز ان بابت آهن پر جنرل صاحب ناهي آيو. سندس نه اچڻ بابت اسان کي اڳ ۾ نه ٻڌايو ويو، سندس اچڻ تائين اسان آڊٽ اعتراض ملتوي ڪري ٿا ڇڏيون. اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين بنا فرق جي سڀني کان ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪير به هجي، سڀني کان ٽول ٽيڪس چارج ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو يونيفارم ۾ آفيشل ڊيوٽي تي وڃي رهيو آهي ته ان کان ٽيڪس وصول نه ڪيو. جيڪڏهن ڪو جنرل ۽ جج به پنهنجي گهر وڃي رهيو آهي ته ان کان ٽيڪس چارج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button