اسلام آبادپاڪستانپنجابخيبرپختونخوا

پنجاب ۽ پختونخوا ۾ چونڊن بابت فيصلو محفوظ،اڄ ٻڌايو ويندو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ صبح 11 وڳي ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چوندن جي تاريخ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ مڪمل ڪري ورتي. ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت سياسي جماعتن کي پنهنجي قيادت کان هدايت وٺڻ جو وقت ڏيندي شنوائي ۾ شام 4 وڳي تائين جو وقفو ڪيو ۽ پوءِ مختصر ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو، سڀني وڪيلن جا ٿورائتا آهيون، جن عدالت جي مدد ڪئي. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جي رڪن جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سياسي قائد مشورو ڪري چونڊن جي امڪاني تاريخ کان آگاهه ڪن. ان موقعي تي حڪمران اتحادي جماعتن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ڪيس جي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته وزيراعظم، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان مشاورت ڪرڻي آهي. پر چيف جسٽس اپيل رد ڪندي چيو ته ڪيس اڄ ئي اڪلائڻ چاهيون ٿا، عدالت جو سڄو ڪم هن ئي ڪيس سبب رڪيل آهي. چيف جسٽس چيو ته سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ليڊرن سان فون تي رابطو ڪري سگهن ٿا، وڌيڪ وقت نه لڳڻ گهرجي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڇا اهو ايترو آسان معاملو آهي جو فون تي مشورو ڪيون. چيف جسٽس چيو ته ٺيڪ آهي پوءِ 4 وڳي تائين وقفو ٿا ڪيون، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪنداسين ۽ شنوائي ۾ 4 وڳي تائين وقفو ڪيو ويو. صدر عارف علوي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ وزيراعظم، وڏي وزير جي مشوري سان مشروط ناهي پر وقت جي قيد سان مشروط آهي، 9 اپريل تاريخ مقرر ڪرڻ جو مقصد آئيني مدي ۾ چونڊون ڪرائڻ هو. هن چيو ته صدر نه رڳو قومي پر صوبائي اسيمبلي لاءِ به تاريخ ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 105 ٿري ۾ باقاعدي ان ۾ ڇوٽ به ڏني وئي آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته صدر کي بنا ايڊوائس چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو اختيار آئين ڏنو آهي. آرٽيڪل 57 سيڪشن ون تحت صدر تاريخ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ شنوائي ڪندي چيف جسٽس رولنگ ڏيندي چيو ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لازمي آهي، ان ۾ جيڪي رنڊڪون آهن، اهي تاريخ ڏيڻ کانپوءِ ختم ڪري سگهجن ٿيون، ڪو وڏو مسئلو هجي ته توهان عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا. چيف جسٽس چيو ته نظام کي آئين تحت مفلوج ڪرڻ جي اجازت ناهي، چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي ۽ پهرين ترجيح آئين تحت هلڻ آهي. هر اسيمبلي جي چونڊ 5 سالن لاءِ هوندي آهي، هي قانون حڪومت کي آئيني اختيار ڏئي ٿو، ملڪ ڏکين معاشي حالتن ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪو به آئيني چونڊن جو مدو نٿو وڌائي سگهي، ڇو ته عدالت کانسواءِ ڪنهن کي چونڊ مدو وڌائڻ جو اختيار ناهي. ٺوس سببن جو جائزو وٺي ئي عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي. معاشي ڏکيائين جو ذڪر 1988 جي صدارتي ريفرنس ۾ به هو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آرٽيڪل 254 وقت ۾ دير تي پردو وجهندو آهي، آرٽيڪل 254 لائسنس ناهي ڏيندو ته چونڊن ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير ٿئي، قدرتي آفت يا جنگ هجي ته آرٽيڪل 254 جو سهارو ورتو ويندو آهي. چيف جسٽس چيو ته وقت تي چونڊون نه ٿيون ته استحڪام نه ايندو، حڪومت جي نيڪ نيتي تي ڪو سوال نه ٿا اٿاريون پر ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو صورتحال آهي جو ڪنٽينر بيٺا آهن پر ناڻي جي مٽاسٽا ناهي. اڄ رڳو تاريخ طئي ڪرڻ جو معاملو ڏسڻو آهي، جيڪڏهن 90 ڏينهن کان دير واري تاريخ آئي ته ڪو چئلينج ڪري ڇڏيندو، معاملو عدالت ۾ ايندو ته ڏسنداسين. آخر ۾ 5 رڪني بئنچ اعلان ڪيو ته ڪيس جي شنوائي ڪمل ٿي وئي آهي ۽ فيصلو اربع جي صبح 11 وڳي ٻڌايو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن شنوائي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ ٽٽي وئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کانسواءِ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي به شنوائي کان معذرت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 5 رڪني بئنچ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هئا. پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران اٽارني جنرل شهزاد الاهي، اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم، حڪمران اتحادي جماعتن جي گڏيل وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، صدر عارف علوي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري دليل ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button