اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نيپرا بجلي 48 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :نيپرا بجلي 48 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي جنوري لاءِ مهيني وار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 17 پئسا في يونت مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي سي سي پي اي جي درخواست تي شنوائي ڪئي. نيپرا موقف ٻڌڻ کان پوءِ بجلي 48 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بجلي مهانگي ڪرڻ سان واهپيدارن تي 9 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو ٻوجهه پوندو. جڏهن ته اهو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button